اليڪشن ٽربيونل  ايم پي اي معظم عباسي جي ڪاميابي خلاف ندا کهڙو جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ٻنهي ڌرين جي وڪيلن دليل ڏنا

اليڪشن ٽربيونل  ايم پي اي معظم عباسي جي ڪاميابي خلاف ندا کهڙو جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ٻنهي ڌرين جي وڪيلن دليل ڏنا، اليڪشن ٽربيونل اين اي 199 شڪارپور جي ايم اين اي غوث بخش مهر جي ڪاميابي خلاف درخواست تي ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اليڪشن ٽربيونل سکر ۾ پي ايس 11 لاڙڪاڻي جَي، جِي ڊي اَي، ايم پي اَي معظم عباسي جِي ڪاميابي خلاف پ پ اميدوار ندا کهڙو جِي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

 ٻڌڻي دوران ايم پي اَي معظم عباسي ۽ ندا کهڙو وڪيلن سميت پيش ٿيا، جسٽس شفيع صديقي تي ٻڌل  اليڪشن ٽربيونل سکر ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل نه ٿيڻ سبب  ٻڌڻي ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

هوڏانهن اليڪشن ٽربيونل ۾ اين اي 199 شڪارپور جي ايم اين اي غوث بخش مهر جي ڪاميابي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

پ پ اميدوار ذوالفقار ڪماريو جِي درخواست تي اليڪشن ٽربيونل  جَي جج جسٽس شفيع صديقي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

اليڪشن ٽربيونل ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*