دڙو مان ڪراچي پڪنڪ تي اچڻ کانپوءِ پراسرار نموني گم ٿي ويل شاگردياڻين واري معاملي نئون رُخ اختيار ڪري ورتو آهي

دڙو مان ڪراچي پڪنڪ تي اچڻ کانپوءِ پراسرار نموني گم ٿي ويل شاگردياڻين واري معاملي نئون رُخ اختيار ڪري ورتو آهي، ڪي ٽي اين نيوز پاران هٿ ڪيل سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ نارين کي پارڪ کان ٻاهر ويندي ڏسي سگهجي ٿو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ناريون اغوا نه پر پنهنجي مرضي سان ويون آهن.

دڙو مان ڪراچي پڪنڪ تي اچڻ کانپوءِ پراسرار نموني گم ٿي ويل شاگردياڻين واري معاملي نئون رُخ اختيار ڪري ورتو آهي.

نارين جي پارڪ مان ٻاهر وڃڻ وارا سي سي وي  فٽيجز ڪي ٽي اين نيوز هٿ ڪري ورتا آهن، جنهن ۾ ناريون پنهنجي مرضي سان پارڪ کان ٻاهر نڪرندي نظر اچي رهيون آهن.

ڪراچي پوليس جي ترجمان چيو آهي ته موبائيل لڪيشن مان پتو پيو آهي ته ٻئي شاگردياڻيون خانيوال ۾ آهن، جن کي واپس آڻڻ لاءِ پوليس ٽيم رواني ڪئي وئي آهي.

پوليس ذريعن جو چوڻ هو ته ٻنهي نارين جو تعلق سجاول جي علائقي دڙي سان آهي، جتي ٻئي ناريون هڪ اسڪول ۾ پڙهنديون هيون ۽ اسڪول جي ٻين شاگردياڻين سان گڏ پڪنڪ ملهائڻ لاءِ ڪراچي آيون هيون.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٻئي شاگردياڻيون ڪراچي مان گم ٿيڻ کانپوءِ سندن وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس وٽ گمشدگي بابت پورٽ درج ڪرائي هئي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*