امريڪي صدر ٽرمپ مئڪسيڪو جي پناهگيرن بابت سندس فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ تان عدليه مٿان ڏمرجي پيو

امريڪي صدر ٽرمپ مئڪسيڪو جي پناهگيرن بابت سندس فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ تان عدليه مٿان ڏمرجي پيو، ڊونلڊ ٽرمپ ججز کي هڪ ٻيو ٻيهر “اوباما ججز” قرار ڏيندي چيو آهي ته عدليه جا فيصلا امريڪا کي غير محفوظ بڻائي رهيا آهن، ٽرمپ جي تنقيد کانپوءِ امريڪي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس جان رابرٽ چيو آهي ته عدليه ۾ ڪو به اوباما جج، ٽرمپ جج، بش جج يا ڪلنٽن جج ناهي، امريڪا جي اڳوڻي صدر بارڪ اوباما به ٽرمپ کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

 چيف جسٽس جان رابرٽس سياسي پناهه جي لاءِ ميڪسيڪو کان ايندڙ پرڏيهين جي امريڪا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي وارَي ٽرمپ انتظاميا جَي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو هو، جنهن تي صدر ٽرمپ چيو هو ته هڪ اوباما جج پابندي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

امريڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس رابرٽس ڊونلڊ ٽرمپ کي جواب ڏيندي چيو ته اسان وٽ ڪو به اوباما جج، ٽرمپ جج، بش جج يا ڪلنٽن جج ناهي، اسان وٽ غير معمولي عزم رکندڙ ججز آهن، جيڪي برابري جي بنياد تي فيصلا ڪندا آهن.

صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيف جسٽس جي جواب تي رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي ٽوئٽر بيان ۾ پنهنجي پهرين ٽوئيٽ قائم رهندي چيو ته عدليه ۾ يقينن اوباما ججز آهن، بارڊر سڪيورٽي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ وارا فيصلا ملڪ کي غير محفوظ بڻائي رهيا آهن ۽ اهو عمل خطرناڪ آهي.

 امريڪي اڳوڻي صدر بارڪ اوباما  به صدر ٽرمپ کي ان بيان تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*