والاريل ڪشمير ۾ قابض فورسز فائرنگ ڪري وڌيڪ 6 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

والاريل ڪشمير ۾ قابض فورسز فائرنگ ڪري وڌيڪ 6 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، هٿ ٺوڪي انتظاميا انٽرنيٽ سروس به معطل ڪري ڇڏي آهي.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، بيج بهاڙه ۾ ڀارتي فوج فائرنگ ڪري 6 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز پاران علائقي کي ڪڙو چاڙهي گهر گهر تلاشي وارو عمل به جاري اهي.

ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي خلاف رهواسين سخت احتجاج ڪيو ته قابض فوج مظاهرين تي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

هوڏانهن بيج بهاڙه ۾ ڇهه ڪشميرين جي شهادت تي جمعي نماز کانپوءِ سمورن شهرن ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز ڪيترن ئي حريت اڳواڻن کي گرفتار به ڪري ورتو آهي.

ٻئي طرف والاريل ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ سروس به معطل ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*