اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ عملو مقرر ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ عملو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، تڪ تي پولنگ 23 اپريل تي ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، اين اي 246 تي 2 سئو 13 پرزائيڊنگ ۽ 7 سئو 69 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب، 7 سئو 69 پوليس آفيسرن جي مقرري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تڪ ۾ ٽوٽل 7 سئو 69 پولنگ اسٽيشنز ئي قائم ڪيون ويون آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب، تڪ تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ 23 اپريل تي ٿيندي.

اين اي 246 تي ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد جميل ۽ تحريڪ انصاف جي عمران اسماعيل ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي جو راشد نسيم پڻ ميدان تي لٿل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*