گڏيل پارليامينٽ متفقه ٺهراءَ کي اتفاق راءِ سان منظور ڪندي يمن ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

گڏيل پارليامينٽ متفقه ٺهراءَ کي اتفاقِ راِءِ سان منظور ڪندي يمن ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪندي بحران جي نبيري لاءِ اڻ ڌريو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ورجايو آهي، اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته سعودي عرب يا حرمين شريفين جي سلامتي کي خطرو پيش آيو ته پاڪستان سعودي عرب سان نه رڳو ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندو پر اُن صورت ۾ ان ويڙهه ۾ اڳيان اڳيان به هوندو.

يمن جنگ بابت پاڪستان جي ڪردار جي حوالي سان گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري هو، جيڪو اڄ گڏيل ۽ متفقه ٺهراءُ جي منظوري تي مڪمل ٿيو.

اجلاس ۾ اسحاق ڊار گڏيل ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جا اهم نقطا ڪجهه هن ريت آهن.

پارليامينٽ اتفاق ڪيو آهي ته يمن جنگ ۾ پاڪستان اڻ ڌريو رهي سفارتي ڪردار ادا ڪندو.

پاڪستان سمجهي ٿو ته يمن جي صورتحال خطي جي استحڪام لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي.

ٺهراءُ ۾ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن کان جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ٺهراءُ ۾ پاڪستانين سميت ڦاٿل ٻين ملڪن جي ماڻهن جي خيريت سان پنهنجي ماڳن ڏانهن واپسي جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.

ٺهراءُ ۾ سعودي عرب کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب يا حرمين شريفين جي سلامتي کي ڪو خطرو پيش آيو ته پاڪستان نه رڳو اهو ته سعودي عرب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندو، پر ضرورت پوڻ تي ان ويڙهه ۾ اڳيان اڳيان به هوندو.

ٺهراءُ ۾ يمن جي باغين جي به مذمت ڪئي وئي، تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته اتفاق راءِ سان جيڪو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي، ان جو متن سٺو سنوڻ آهي ۽ ان سان قوم جي اتحاد کي تقسيم ڪرڻ واريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*