جڊيشل ڪميشن جي قيام بابت تحريڪ انصاف جو مطالبو منظور ٿي چڪو آهي، شاهه محمود قريشي

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خواجه آصف موچيءَ واري زبان استعمال ڪئي آهي، کيس پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، جڊيشل ڪميشن جي قيام بابت مطالبو منظور ٿي چڪو آهي، پارليامينٽ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ويندو.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته يمن جي صورتحال بابت ٺهراءَ تي پي ٽي آءِ پنهنجو موقف پيش ڪيو.

هن چيو ته خواجه آصف پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت خلاف غير  پارلياماني زبان استعمال ڪئي، اسپيڪر کي دفاع واري وزير جا لفظ ڪارروائي مان حذف ڪرڻ گهرجن ها.

شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف يمن صورتحال بابت ٺهراءَ جي حمايت ڪئي ۽ خواجه آصف جي موقف کي رد ڪري ڇڏيو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته جڊيشل ڪميشن جي قيام بابت تحريڪ انصاف جو مطالبو منظور ٿي چڪو آهي، جنهن بعد پارليامينٽ ۾ واپسي جو فيصلو ڪيو، ايوان ۾ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*