ممبئي حملا ڪيس جي جوابدار ذڪي الرحمان لکوي کي راولپنڊي جي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو

ممبئي حملا ڪيس جي مبينا مک جوابدار ۽ پابندي مڙهيل تنظيم جي اڳواڻ ذڪي الرحمان لکوي کي راولپنڊي جي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو.

گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ، ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي ختم ڪري کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

ذريعن موجب، جيل انتظاميه کي عدالتي حڪم ملڻ بعد ذڪي الرحمان لکوي کي رات ئي آزاد ڪيو ويو هو.

 واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به ذڪي الرحمان لکوي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر حڪومت سڪيورٽي خدشن سبب ايم پي او تحت لکوي کي ٻيهر نظر بند ڪيو هو.

ٻيهر نظربندي خلاف ذڪي الرحمان لکوي پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*