پيپلز پارٽي تمام جلد لياري ۾ جلسو ڪندي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ

پپپلز پارٽي لياري ۾ جلسي جو اعلان ڪيو آهي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته نبيل گبول پاران ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطا ٿيا آهن ۽ ڪراچي ۾ غير قانوني شادي هالز مالڪ پاڻمرادو هال ڊاهن سرڪار ڪارروائي ڪئي ته سامان به ضبط ڪيو ويندو.

بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نبيل گبول پاران ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطا ٿيا آهن پر پارٽي قيادت اڃا ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو.

هن چيو ته پ پ تمام جلد لياري ۾ جلسو ڪندي ، جنهن کي پارٽي جي سينيئر قيادت خطاب ڪندي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ اهڙي ڪارروائي تي ڪوبه دٻاءُ برداشت نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته پبلڪ پارڪس، راندين جي گرائونڊز  ۽ ڀلائي وارن پلاٽن تي شادي هالز ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته غير قانوني شادي هالز وارا پاڻمرادو هال ڊاهن ۽ جڏهن سرڪاري ٽيمون آيون ته انهن جو سامان به ضبط ڪيو ويندو.

صوبائي وزير چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان جي سيڪيورٽي لاءِ اڌ شهر جي پوليس لڳائي وئي ۽ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ دوران مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ مڪاني چونڊن جي تياري ڪري رهي آهي ۽ مختلف پارٽين سان واسطو رکندڙ 28 ڄڻن پ پ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*