نواز ليگ اڳواڻ حمزه شهباز چيو آهي ته آشيانا هائوسنگ اسڪيم بابت لطيف سنز ۽ پي ايل ڊي سي جو معاهدو اسان جي ڪيس ۾ ٽرننگ پوائنٽ هوندو

نواز ليگ اڳواڻ حمزه شهباز چيو آهي ته آشيانا هائوسنگ اسڪيم بابت لطيف سنز ۽ پي ايل ڊي سي جو معاهدو اسان جي ڪيس ۾ ٽرننگ پوائنٽ هوندو، تحريڪ انصاف جي حڪومت جون سئو ڏينهن واريون ڪارروايون سڀني جي سامهون آهن.

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي حمزه شهباز چيو ته آشيانا هائوسنگ اسڪيم بابت لطيف سنز ۽ پي ايل ڊي سي جو معاهدو اسان جي ڪيس ۾ ٽرننگ پوائنٽ هوندو.

هن چيو ته، تحريڪ انصاف جي حڪومت جون سئو ڏينهن واريون ڪارروايون سڀني جي سامهون آهن.

نواز ليگ اڳواڻ  چيو ته، پاڪ ڀارت لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ سڀ کان اهم شئي ڳالهيون ڪرڻ آهن.

هن چيو ته، ڀارتي پرڏيهي وزير ۽ ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير جو پاڪستان اچڻ کان انڪار سٺو سنوڻ نه آهي،  ڪو وقت هو، جڏهن ڀارتي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي پاڻ لاهور ايندو هو.

حمزه شهباز چيو ته هاڻ اهو وقت آهي جو ڀارتي وزيراعظم خط جي ذريعي دعوت ملڻ جي باوجود نه ٿو اچي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*