لاهور جي احتساب عدالت مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ بابت نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

لاهور جي احتساب عدالت مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ بابت نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، نيب چيو آهي ته شهبا شريف کان پڇا ڳاڇا مڪمل نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب جسماني ريمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ک پيش ڪيو ويو. نيب جي درخواست تي ٻڌڻي جج سيد نجم الحسن ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب طرفان پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعا ۽ اسد الله پيش ٿيا، جڏهن ته شهباز شريف طرفان وڪيل امجد پرويز عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته شهباز شريف آشيانا اقبال هائوسنگ پراجيڪٽ ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ۽ مٿس وڏي وزير طور قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچاڻ جو الزام آهي.

جاچ آفيسر چيو ته حمزه شهباز شريف 2011 ۾ جيڪي تحفا ڏنا ويا، ان جو رڪارڊ موجود نه آهي، ٽيڪس ريٽرن سندس سامهون رکنداسين ته پوءِ 6 ڪروڙ جا تحفا ڪيئن ڏنا؟

جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل چيو ته جاچ آفيسر آشيانا ڪيس جي ڳالهه ڪري ڪهڙي بي ضابطگي ڪئي آهي.

ٻڌڻي دوران نيب جاچ آفيسر چيو ته ميڊيڪل جي حوالي سان شهباز شريف کي جيڪو به علاج ڏيڻو پيو، اهو ڏيڻ چاهيون ٿا.

جنهن تي شهباز شريف  عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس سموريون ميڊيڪل ٽيسٽ ۽ چيڪ اپ اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ ٿي رهيو آهي.

نيب استدعا ڪئي ته شهباز شريف جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته اڃا کانئس پڇا ڳاڇا مڪمل نه ٿي سگهي آهي، جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته اڃا ڪيترا ڀيرا ريمانڊ ورتو ويندو.

لاهور جي احتساب عدالت مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ بابت نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

واضح رهي ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ ڇهون ڀيرو عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، کيس 5 آڪٽوبر تي نيب گرفتار ڪيو هو.

ٻئي طرف شهبا زشريف کي پيش ڪرڻ دوران نواز ليگ ڪارڪنن پاران احتجاج ڪيو ويو، جنهن تي پوليس هڪ ڪارڪن کي گرفتار به ڪري ورتو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*