مدئجي جي ٽئڪسي ڊرائيورن ۽ مگسي برادري جي ماڻهن احتجاجي ڪندي

مدئجي جي ٽئڪسي ڊرائيورن ۽ مگسي برادري جي ماڻهن احتجاجي ڪندي الزام هنيو آهي ته حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان جي جوابدار کي پوليس رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

ٽيڪسي ڊرائيورن ۽  مگسي برادري جي ماڻهن مور مگسي، امتياز ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو  ڪيو.

مظاهرين جو چوڻ هو ته  ٻه مهينا اڳ ڪوئيٽا کان ايندڙ ڪوچ جي ٽڪر ۾ ٽئڪسي ڊرائيور سعود مگسي سخت زخمي ٿيو هو  جيڪو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي.

هنن چيو ته واقعي جي اين سي ڊکڻ ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس ڪوچ مالڪن کان ڳري رشوت وٺڻ بعد ڊرائيور  کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته حادثي جي ذميوار کي فوري طور سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*