تنگواڻي مان گم ٿي ويل نينگر عبدالقادر ملڪ جو پتو نه پئجي سگهيو آهي

تنگواڻي مان گم ٿي ويل نينگر عبدالقادر ملڪ جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي سندس بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.

گم ٿي ويل نينگر عبدالقادر ملڪ جي فرمان ملڪ جو چوڻ هو ته نينگر ريڙهو هلائندو هو، ست ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو، جنهن جو هيل تائين پتو نه پئجي سگهي آهي.

هنن چيو ته نينگر جي ڳولا ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪٿي به سندس پتو نه پئجي سگهيو آهي، شڪ آهي ته نينگر کي اغوا ڪيو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته نينگر عبدالقادر ملڪ کي فوري طور بازياب ڪرائي سندن  بيچيني ختم ڪئي وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*