سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس ۽ جَي آءِ ٽي جِي رپورٽس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس ۽ جَي آءِ ٽي جِي رپورٽس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي پوليس رپورٽس کي افسانوي ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان ڀرجي وئي آهي، بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 50 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو  ۽ پوليس توڙي جي آءِ ٽي جِي رپورٽس تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس رپورٽس افسانوي ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل آهن، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان ڀرجي وئي آهي، حڪومت ذميواري جو مظاهرو ڪري.

عدالت چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن ۽ بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو.

عدالت پوليس اختيارين کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*