پيپلزپارٽي پارٽي جي يومِ تاسيس بعد حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

پيپلزپارٽي پارٽي جي يومِ تاسيس بعد حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، بلاول ڀٽو جي ترجمان چيو آهي ته بلاول يوم تاسيس واري جلسي ۾ عمران سرڪار کي سئو ڏينهن جي پلان جي ناڪامي تي آئينو ڏيکاريندو، عمران خان ڀلي يو ٽرن وٺي پر کيس ڀڄڻ نه ڏنو ويندو.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته پيپلزپارٽي جي يومِ تاسيس جي موقعي تي 30 نومبر تي سکر ۾ جلسو ٿيندو.

پ پ چيئرمين جي ترجمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سکر واري جلسي ۾ عمران سرڪار کي سئو ڏينهن جي پلان جي ناڪامي تي آئينو ڏيکاريندو، عمران خان ڀلي يو ٽرن وٺي پر کيس ڀڄڻ نه ڏنو ويندو.

مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته پارٽي جي يومِ تاسيس کانپوءِ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ واري سرگرميون تيز ڪيون وينديون، بلاول پنجاب ۾ ٻيهر سرگرم ٿيندو.

بلاول جي ترجمان چيو ته چونڊ مهم دوران ڪيل وعدن اعلانن تان ڦري وڃڻ جو مطلب ناڪامي آهي، عمران خان يو ٽرن وٺي رهيو آهي ته کيس ناڪامي جو اعتراف به ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته يوٽرن وٺڻ سان تبديلي نه ايندي، ان سان ڏڦيڙ پيدا ٿيندا آهن، قوم ڏسي رهي آهي ته 100 ڏينهن ۾ تبديلي آڻڻ جون ڳالهيون ڪندڙ تبديلي جَي نالَي کان به ڀڄي رهيا آهن.

مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته سونامي جو نعرو لڳائيندڙ سئو ڏينهن ۾ بحرانن جو طوفان کڻي آيا آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*