ماحوليات بابت مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ڪشمير اسان جي دل آهي ۽ دل بنا انسان ڪجهه به نه آهي

ماحوليات بابت مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ڪشمير اسان جي دل آهي ۽ دل بنا انسان ڪجهه به نه آهي، گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي آواز اٿاري رهيا آهيون، گهرن ۾ سريو به استعمال ٿيندو آهي پر مان اتفاق فائونڊي جي سريي جي ڳالهه نه ڪري رهي آهيان، جيڪو نوزشريف جي ڳچي ۾  آهي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زرتاج گل چيو ته ڪشمير اسان جي دل آهي ۽ دل بنا انسان ڪجهه به نه آهي، گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي آواز اٿاري رهيا آهيون.

هن چيو ته، گهرن ۾ سريو به استعمال ٿيندو آهي پر مان اتفاق فائونڊي جي سريي جي ڳالهه نه ڪري رهي آهيان، جيڪو نوزشريف جي ڳچي ۾  آهي.

ماحوليات بابت مملڪتي وزير  چيو ته تحريڪ انصاف قوم سان ڪيل واعدا جلد پورا ڪندي، عمران خان واحد وزيراعظم آهي، جيڪو اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندو آهي.

هن چيو ته، خوشي آهي ته ڏکڻ پنجاب ۾ خوبصورت ذهن پيدا ٿي رهيو آهي.  هن وقت ملڪ معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان حوالي سان چين، سعودي عرب سميت مختلف ملڪن سان ڳالهايو آهي.

زرتاج گل چيو ته موجوده معاشي بحران جي ذميوار گذريل حڪومتون آهن، انهن کان پڇيو وڃي.

ماحوليات بابت مملڪتي وزير  چيو ته، موسمياتي تبديلين بابت ڳڻتي آهي، ان حوالي سان قدم به کڻي رهيا آهيون،

هن چيو ته ڪرتار پور بارڊر کولڻ سان لاڳاپا بهتر ٿيڻ جو امڪان آهي پر گذريل حڪومتن ذاتي لاڳاپا قائم ڪيا هئا.

هن چيو ته 50 لک گهر فوري نه ٺهي ويندا، ان حوالي سان طريقيڪار هوندو آهي، حڪومت جيڪي به واعدا ڪيا آهن، انهن کي پورو ڪري ڏيکارينداسين. …………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*