ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ  فريال ٽالپر ڪراچي ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ  فريال ٽالپر ڪراچي ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.

آصف علي زرداري ڪراچي جي ايف  آءِ اَي آفيس ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيو، جي آءِ ٽي پاران آصف زرداري کان سندس ملڪيتن، جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ اومني گروپ سان رابطن بابت پڇاڳاڇا ڪئي وئي.

آصف زرداري ڏيڍ ڪلاڪ تائين جي آءِ ٽي جي سامهون موجود رهيو، سندس جي آءِ ٽي آفيس آمد دوران سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.

ان کان اڳ آصف زرداري جي ڀيڻ پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر به وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سان گڏ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي، جنهن کان هڪ ڪلاڪ تائين پڇاڳاڇا ڪئي وئي.

ذريعن موجب جي آءِ ٽي پاران طلب ڪرڻ باوجود بلاول ڀٽو زرداري پيش نه ٿيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو وڪيل ذريعي سوالن جا جواب جمع ڪرائيندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*