سنڌ اپيڪس ڪميٽي جو 23 هون اجلاس 6 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو

سنڌ اپيڪس ڪميٽي جو 23 هون اجلاس 6 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو، وڏي وزير جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران نيشنل ايڪشن پلان سميت صوبي جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي.

سي ايم هائوس ۾ سنڌ اپيڪس ڪميٽي جو 23 هون اجلاس 6 ڊسمبر تي ٿيندو، جنهن جي صدارت سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪندو.

اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا صوبي جي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏيندا.

سنڌ جي گهرو کاتي طرفان اجلاس کي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويندو، اجلاس دوران دهشتگردي جي اهم ڪيسز جو به جائزو ورتو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*