يمن واري معاملي تي پارليامينٽ جو موقف پاڪستان جو موقف آهي، پرويز رشيد

وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته يمن واري معاملي تي پارليامينٽ جو موقف پاڪستان جو موقف آهي سڀ چاهين ٿا ته يمن جو مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته پهرين پرڏيهي پاليسي بند ڪمرن ۾ ٺهندي هئي پر هاڻي سمورن معاملن تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي.

پرويز رشيد چيو ته ماضيءَ ۾ افغان جنگ ۾ شامل ٿيڻ ۽ 3 درياءَ وڪرو ڪرڻ تي پارليامينٽ توڙي عوام کان به نه پڇيو ويو هو پر هاڻي ائين نه ٿيندو.

هن چيو ته يمن معاملي تي ايراني پرڏيهي وزير سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن ۽ خطي جا به سمورا ملڪ تڪرار جو پر امن حل چاهين ٿا.

پرويز رشيد چيو ته عمران خوف ختم ڪرڻ لاءِ ڪراچي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر پاڻ اتان خوفزده تي موٽي آيو آهي.

وفاقي وزير چيو ته عمران خان جو ڌرڻو جعلي هيو ۽ عام چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت عدالتي ڪميشن جو هر فيصلو اسان کي قبول هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*