پاڪستاني ڪرڪيٽرز کي اسپاٽ فڪسنگ ۾ ڦاسائيندڙ مظهر محمود جي اصليت برطانوي نشرياتي اداري ظاهر ڪري ڇڏي

پاڪستاني ڪرڪيٽرز کي اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ڦاسائيندڙ  مظهر محمود جي اصليت برطانوي نشرياتي اداري وائکي ڪندي چيو آهي ته جعلي شيخ جي نالي سان سڃاتو ويندڙ مظهر محمود ويس بدلائي هڪ سئو کان وڌيڪ ڀيرا غلط رپورٽنگ ڪئي، سندس رڪارڊ ۽ ڪيسن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جا مک جوابدار مظهر محمود، محمد آصف ۽ سلمان بٽ آهن.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مظهر محمود پنهنجي 30 سالا صحافتي ڪيريئر ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ڀيرا روپ بدلائي جعلي رپورٽنگ ڪئي، جنهن ڪري  کيس جعلي شيخ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

برطانوي نشرياتي اداري موجب مظهر محمود جي طريقيڪار کان پوليس ۽ پراسيڪيوٽر واقف هئا، هُن ويس بدلائي پاڪستاني ڪرڪيٽرز کي اسپاٽ فڪسنگ ۾ ڦاسايو.

واضح رهي ته اسپاٽ فڪسنگ ڪيس سبب ٽَي پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد آصف، سلمان بٽ ۽ محمد عامر عالمي ڪرڪيٽ کان ٻاهر ٿي ويا ۽ سزائون به ڀوڳيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*