بالي ووڊ اسٽار اڳوڻي مس ورلڊ پريانڪا چوپڙا ۽ امريڪي گلوڪار نڪ جوناس جي شادي جي ميندي واري رسم اڄ ادا ڪئي پئي وڃي

 بالي ووڊ اسٽار اڳوڻي مس ورلڊ پريانڪا چوپڙا ۽ امريڪي گلوڪار نڪ جوناس جي شادي جي ميندي واري رسم اڄ ادا ڪئي پئي وڃي.

 ڀارت جي شهر جوڌپور ۾ پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جوناس جي شادي تقريبن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جوڙو خاندان جي فردن سُوڌو پهچي ويو آهي.

 ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب پريانڪا ۽ نڪ جوناس جي شادي جون رسمون هندو ۽ ڪرسچن رواتين آڌار ڌار ڌار ادا ڪيون وينديون.

 ميڊيا جي رپورٽس موجب جوڙي جي شادي جون رسمون جوڌپور شهر جي عميد ڀاون پئليس ۾ اڄ کان شروع ٿي رهيون آهن، جنهن موجب رات جو ميندي واري رسم ۽ موسيقي جي محفل ٿيندي، جنهن ۾ ناليوارا ڳائڻا فن جو جادو جاڳائيندا.

 ميڊيا جي رپورٽس موجب پريانڪا ۽ نڪ جوناس جي شادي جون رسمون 29 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين جاري رهنديون، 2 ڊسمبر تي هندو رسمن رواجن تحت جوڙو شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندو،3 ڊسمبر تي ڪرسچن ريتون رسمون ادا ڪيون وينديون..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*