پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڊالر 142 رپين جو ٿي ويو آهي، حڪومت جون دعوائون رڳو دعوائون ئي رهجي ويون آهن

پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڊالر 142 رپين جو ٿي ويو آهي، حڪومت جون دعوائون رڳو دعوائون ئي رهجي ويون آهن، حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ گذريل حڪومتن تي الزام لڳائي رهي آهي.

ڊالر مهانگو ٿيڻ تي رد عمل ظاهر ڪندي شيري رحمان چيو ته ڊالر 142 رپين جو ٿي ويو آهي، حڪومت جون دعوائون رڳو دعوائون ئي رهجي ويون آهن.

هن  چيو ته، حڪومت جڏهن آئي هئي ته ڊالر 124 رپين جو هو، سئو ڏينهن ۾ 142 رپين تائين پهچي ويو آهي.

پيپلزپارٽي جي سينيٽر  چيو ته، حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ گذريل حڪومتن تي الزام لڳائي رهي آهي، حڪومتي نمائندا چون ٿا ته ڊالٽر 145 رپين تائين پهچندو.

هن چيو ته، 24 ڪلاڪن اندر حڪومت جي معيشيت بابت ڪوڙ ثابت ٿي ويو آهي، ڊالر جي مُلهه ۾ واڌ سان پرڏيهي قرضن ۾  760 ارب رپين جي واڌ ٿي وئي آهي.

شيري رحمان چيو ته، ثابت ٿي ويو اهي، حڪومت وٽ ڪا به معاشي پاليسي نه آهي.

شيري رحمان چيو ته، حڪومت پنهنجي ناڪامي ۽ نااهلي قبول ڪري………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*