سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ حڪومت وفاق جي منصوبن کي مانيٽر نه ڪري رهي آهي

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ حڪومت وفاق جي منصوبن کي مانيٽر نه ڪري رهي آهي،سنڌ حڪومت سان گڏجي منصوبن تي عمل ڪرڻ چاهيون ٿا، پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو ته ملڪ مان لٽيل دولت واپس آڻڻ ۽ ڪرپشن جو خاتمو حڪومت جو هدف آهي.

ڪراچي ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي رهائشاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل وڏي وزير مراد علي شاهه سان رابطي ۾ آهيان، عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته سکر ۾ هائوسنگ اسڪيم جو افتتاح ٿي چڪو آهي، هائوسنگ اسڪيم مرحليوار ڪراچي پهچندي.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته آئيدياز 2018 تي سڄي دنيا جون نظرون آهن، آئيڊياز هڪ وڏو ايونٽ آهي.

پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو ته ملڪ مان لٽيل دولت واپس آڻڻ ۽ ڪرپشن جو خاتمو حڪومت جو هدف آهي.

هن چيو ته آئيڊياز 2018 ملڪ لاءِ مفيد ٿابت ٿيندو، سروس فائونڊيشن اهم ٽاسڪ تي ڪم ڪري رهي آهي.

گورنر چوڌري سرور چيو ته حڪومت عوام کي پاڻي فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن به قيدي تي ڏنڊ هڪ لک کان گهٽ هوندي اها حڪومت ادا ڪري قيدي کي آزاد ڪرائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*