اڳوڻي وفاقي وزير ڄام معشوق علي جي مڙهه کي امريڪا مان ڏيهه آڻڻ بعد ڄام نواز علي ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي

اڳوڻي وفاقي وزير ڄام معشوق علي جي مڙهه کي امريڪا مان ڏيهه آڻڻ بعد ڄام نواز علي ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.

ڄام معشوق علي ڪجهه ڏينهن اڳ جگر جي بيماري سبب آمريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن جي مڙهه کي پي آءِ اي جي اڏام ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ آڻڻ بعد اباڻي ڳوٺ ڄام نواز علي پهچايو ويو.

ڄام معشوق علي جي ڄام ھائوس ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءَ سندس مڙهه درگاھ شاھ محمد شاھه جي قبرستان ۾ سندس والد ڄام صادق علي جي ڀر ۾ دفنايو ويو.

 ڄام معشوق جي جنازي نماز ۾  ايم اين اي روشن جوڻيجو، خير محمد جوڻيجو ، جلال شاھه ڄاموٽ، فدا حسين ڏيرو، مخدوم فضل حسين، خادم علي شاھه غلام مصطفيٰ مري، حاجي خدا بخش راڄڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ڄام معشوق  لاڏاڻي جي سوڳ ۾ ڄام نواز علي، نوا آباد ۽ ٻيراڻي شھر مڪمل طور بند رھيا .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*