وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو، ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير جي صدارت ۾ نيو سيڪريٽريٽ ۾ سڀاڻي 3 وڳي ٿيندو.

اجلاس گهرائڻ بابت مليل نوٽيفڪيشن موجب ايڪس ڪيڊر آفيسر جان محمد لنجار کي اسپيشل ڪورٽ ۾ پرزائيڊنگ آفيسر سکر مقرري جي منظوري ۽ بواٽر ڪميشن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ بابت حڪمت عملي جوڙڻ وارن معاملي تي غور ويچار ڪيو ويندو.

نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ بينظير ڀٽو هيومن ريسرچ ڊولپمينٽ بورڊ جي رولز 2018 جي منظوري وارو معاملو به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ريپروڊڪٽو هيلٿ ڪيئر رائيٽس ايڪٽ 2018 جي منظوري وارو معاملو، اي ڊي پي فنڊن جي اضافي گهرج،  سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي ڊائريڪٽوريٽ ۽ اسپيشل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ترميم وارو معاملو به ڪابينا جي ايجنڊا ۾ شامل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*