حيدرآباد ۾ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند ڊاڪٽر جي گهر مان لکين روپين جي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا

حيدرآباد ۾ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند ڊاڪٽر جي گهر مان لکين روپين جي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا.

 لطيف آباد نمبر 4 ۾  ڊاڪٽر حامد جي گهر ۾ 4 هٿياربند داخل ٿي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي روڪ رقم سميت ٻيو لکين روپين جو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ رينجرز اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت تفصيل معلوم ڪري رهيا آهيون، چار هٿياربند گهر مان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*