ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ دفاعي نمائش آئيڊياز 2018 جي چوٿين ۽ آخري ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن

ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ دفاعي نمائش آئيڊياز 2018 جي چوٿين ۽ آخري ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن، پاڪ آرمي، ايئر فورس ۽ نيوي پاران علامتي طور يونيورسٽي جي يرغمال بڻايل بس کي آزاد ڪرائڻ بابت گڏيل مشق ڪئي وئي آهي.

هٿيارن جي نمائش دوران علامتي طور يرغمال بڻايل يونيورسٽي جي بس کي پاڪ آرمي، ايئر فورس ۽ نيوي جي جوانن پاران گڏيل مشق دوران آزاد ڪرايو ويو آهي.

مشقن دوران فوجي جوانن هيليڪاپٽر تان هشتگردن جي ٿاڪن تي رسي ذريعي هيٺ لهڻ جو به ڪامياب مظاهرو ڪيو آهي، جڏهن ته دهشتگردن جي قبضي هيٺ ڪمپائونڊ کي ڪليئر ڪرائڻ بابت پڻ مشق ڪئي آهي.

ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ دفاعي نمائش آئيڊياز 2018 جي آخري ڏينهن وارين تقريبن ۾ مختلف ملڪن جا نمائندا ۽ شهري شريڪ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*