وفاقي حڪومت ڊسمبر ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 2، 2 رپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت ڊسمبر ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 2، 2 رپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسد عمر چيو آهي ته  پيٽرول جي اگهن ۾  گهٽتائي ڪئي وئي آهي، اڳتي به بهتري جي گنجائش نظر اچي رهي آهي، ٽيڪس ۾ به ردو بدل به ڪري رهيا آهيون پر ان باوجود صارف کي فائدو ڏيڻ چاهيون ٿا.

وفاقي حڪومت ڊسمبر ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 2، 2 رپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته  پيٽرول جي اگهن ۾  گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 2، 2 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي و ئي آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير  چيو ته گاسليٽ جي اگهن ۾ 3 ريپا ۽ لائٽ ڊيزل آئل جي اگهه ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، اڳتي به بهتري جي گنجائش نظر اچي رهي آهي.

هن چيو ته، ٽيڪس ۾ به ردو بدل به ڪري رهيا آهيون پر ان باوجود صارف کي فائدو ڏيڻ چاهيون ٿا، پيٽرول تي سيلز ٽيڪس 8 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي.

اسد عمر چيو ته،  تيل جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا، آڪٽوبر ۾ عالمي سطح تي تيل جون قيمتون وڌيون، اسان پئٽروليم شين ۽ ٽيڪس  ۾ گهٽتائي ڪئي آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير  چيو ته، اڳوڻي حڪومت ۾ پئٽرول تي 15 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو هو.

ڊالر جومُلهه وڌي وڃڻ بابت ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته  ڊالر جو معاملو طلب ۽ رسد سان جڙيل آهي، ڊالر جي گهرج وڌيڪ ۽ رسد گهٽ آهي، ڊالر بابت فيصلو سينٽرل بينڪ ڪندي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*