وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاور جنريشن جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻايو وڃي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاور جنريشن جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻايو وڃي، صوبي ۾ بجلي جي نون منصوبن لاءِ به وقت سر قدم کنيا وڃن.

خيبرپختونخواهه ۾ بجلي چوري روڪڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ صوبائي وزير علي محمد خان، بجلي ۽ وارو وزير عمر ايوب ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، جنهن دوران ڪي پي ۾ بجلي  جي چوري کي روڪڻ بابت حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ پيسڪو جي ڪارڪردگي، بجلي چوري روڪڻ ۽ بل اوڳاڙي وڌائڻ تي غور ڪيو ويو.

وزيراعظم صوبائي حڪومت کي پاور ڊيوزن کي مڪمل سهڪار جي هدايت ڪري ڇڏي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته پاور جنريشن جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻايو وڃي، صوبي ۾ بجلي جي نون منصوبن لاءِ به وقت سر قدم کنيا وڃن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*