اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ حتمي دليل ڏيندي نيب پراسيڪيوٽر واثق ملڪ چيو آهي ته قطري جي آءِ ٽي کي خط لکيو هو

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ حتمي دليل ڏيندي نيب پراسيڪيوٽر واثق ملڪ چيو آهي ته قطري جي آءِ ٽي کي خط لکيو هو ته هو پاڪستان جي قانون موجب جاچ شامل نه ٿيندواسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پيش ٿيو، جج ارشد ملڪ چيو ته وڪيل صاحب، اوهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو، اسان  ٻڌڻ ٿا چاهيون، جنهن تي نوازشريف روسٽرم تي هليوويو.

اڳوڻي وزيراعظم چيوته هي مني ٽريل جو پڇندا آهن، پهرين انهن کان پڇو ته ڪيس آهي ڪهڙو؟ مني ٽريل ته 1973 کان شروع ٿيندي آهي.

نوازشريف چيو ته ڪيترن ئي مانحن جا ٻار پرڏيهه ۾ مڪم ڪندا آهن ۽ اها اعزاز جي ڳالهه آهي، پرڏيهه ۾ ڪم ڪرڻ جو اهو مقصد نه آهي ته پيءُ پيٽ کي نوڪري ڏئي.

نيب پراسيڪيوٽر واثق ملڪ حتمي دليل ڏيندي چيو ته آئون قطري خط بابت ڳالهائندس.

نيب پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته، قطري جي آءِ ٽي کي خط لکيو هو ته هو پاڪستان جي قانون موجب جاچ شامل نه ٿيندو.

واثق ملڪ چيو ته، قطري اهو به چيو هو ته هوڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ٿيندو.

جج چيو ته رڪارڊ ۾ طارق شفيع 6 ملين نه لکيو آهي، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جي ها رڪارڊ ۾ 7 ملين لکيل آهي.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر واثق ملڪ جا حتمي دليل مڪمل نه ٿي سگهيا، عدالت ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*