امريڪي رياست الاسڪا ۾ 7 جي شدت سان زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو

 

              امريڪي رياست الاسڪا ۾ 7 جي شدت سان زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو ، جڏهن ته ايڪورينج ايئرپورٽ کي بند ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب امريڪي رياست الاسڪا ۾ شديد زلزلو آيو، جنهن جي ايڪٽر اسيڪل تي شدت 7 رڪارڊ ڪئي وئي.

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب زلزلي جو مرڪز ايڪورينج کان 13 ڪلوميٽر پري اتر وارو پاسو هو.

 زلزلي سبب اينڪوريج ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو، اينڪوريج ايئرپورٽ، يونورسٽي، ڪيترائي روڊ رستا بند ۽ بجلي فراهم معطل ٿي وئي، گئس لائنز به ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وئي.

 زلزلي سبب ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع نه مليو، جڏهن ته سونامي جي وارننگ واپس ورتي وئي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*