وائيٽ هائوس امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران وزيراعظم عمران خان کي خط موڪلڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

وائيٽ هائوس امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران وزيراعظم عمران خان کي خط موڪلڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل جي ترجمان موجب خط ۾واضع ڪيو ويو آهي ته افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي مدد پاڪ امريڪا ڀائيواري لاءِ بنيادي اهيمت رکي ٿي.

نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل  جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان کي افغان امن عمل لاءِ مڪمل حمايت جي درخواست ڪئي وئي آهي.

 ٻئي طرف پاڪستان کي افغان مصالحت لاءِ امريڪي خاص نمائندي زلمي خيل زاد سان سهڪار ڪرڻ تي به زور ڀريو ويو آهي.

 ترجمان موجب خط ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي مدد پاڪ امريڪا ڀائيواري لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي.

واضع رهي ته وزيراعظم عمران خان 2 ڏينهن اڳ ٽي وي انٽرويو دوران چيو هو ته کيس امريڪي صدر خط لکيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان کان افغان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ سَهڪار گُهريو ويو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*