وزيراعظم عمران خان سان آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل ملاقات ڪئي

وزيراعظم عمران خان سان آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ افغان صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل  امريڪي صدر ٽرمپ جي نيڪ خواهشن جو پپيغام به ڏنو.

گذريل ڏينهن افغانستان جي معاملن بابت آمريڪي خاص نمائندو زلمي خليل زاد پرڏيهي ايئر لائين جي اڏام اي ڪي 612 ذريعي دبئي کان اسلام آباد پهتو هو.

آمريڪي خصوصي نمائندو پاڪستان سميت 8 ملڪن جو دورو ڪندو، جنهن دوران هو افغانستان، روس، ازبڪستان، ترڪمانستان، بئلجيم، متحده ارب امارات ۽ قطر ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*