جاپاني وزيراعظم جي صلاحڪار مسٽر ڪينترو سونارا ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيارڻ  تي اتفاق ڪيو ويو آهي

جاپاني وزيراعظم جي صلاحڪار مسٽر ڪينترو سونارا ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيارڻ  تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

قومي سلامتي بابت جاپاني وزيراعظم جي صلاحڪار مسٽر ڪينترو سونارا جي پرڏيهي آفيس اسلام آباد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ٿي.

ملاقات دوران ميري ٽائيم سيڪيورٽي سميت گڏيل دلچسپي وارن اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ  ڪئي وئي.

ملاقات دوران ٻنهي ملڪن و چ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيارڻ ۽ وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ان موقعي تي  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جاپاني صلاحڪار کي پاڪستان ۾ امن ۽ امان جي بهتر صورتحال کان آگاهه ڪيو.

قومي سلامتي بابت جاپاني وزيراعظم جي صلاحڪار دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڏنل پاڪستان جي قربينان جي واکاڻ ڪئي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*