پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان فيس بڪ پبلڪ پاليسي جي نائب صدر سائمن ملنز به ملاقات ڪئي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان فيس بڪ پبلڪ پاليسي جي نائب صدر سائمن ملنز به ملاقات ڪئي، شاهه محمود قريشي  چيو آهي ته هو اظهار جي آزادي تي يقين رکن ٿا پر اظهار جي آزادي جي اوٽ ۾ توهين ڪئي پئي وڃي، جيڪا برداشت نه ٿي ڪري سگهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان پرڏيهي آفيس ۾ فيس بڪ پبلڪ پاليسي جي نائب صدر سائمن ملنز به ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران نفر  پکيڙيندڙ مواد کي هٽائڻ اي ڪامرس کي هٿي ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي  وئي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۾ واپاري سرگرمين کي ٿي ڏيارڻ لاءِ فيس بڪ جو ڪردار واکاڻ جو جوڳو آهي، سڄي دنيا ۾ عوام وچ ۾ رابطن ۾ فيس بڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

سائمن ملنز چيو ته هي منهنجو پاڪستان جو پهريون دورو آهي، پاڪستان جي عملدارن سان ملاقات فائديمند ثابت ٿي آهي.

شاهه محمود قريشي  چيو آهي ته هو اظهار جي آزادي تي يقين رکن ٿا پر اظهار جي آزادي جي اوٽ ۾ توهين ڪئي پئي وڃي، جيڪا برداشت نه ٿي ڪري سگهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*