اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ سياست کي خطرو آهي

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ سياست کي خطرو آهي، عمران خان به پاڪستان جو ٽرمپ آهي، هي به اهو ساڳيو ئي ڪم ڪري رهيو آهي، احتساب ٿيڻ گهرجي، اسان به ان جا حامي آهيون.

اسلام آباد ۾ ميٽ ٽو پريس کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ سياست کي خطرو آهي.

 هن چيو ته، عمران خان به پاڪستان جو ٽرمپ آهي، هي به اهو ساڳيو ئي ڪم ڪري رهيو آهي.

 اڳوڻي وزيراعظم  چيو ته، احتساب ٿيڻ گهرجي، اسان به ان جا حامي آهيون.

هن چيو ته، هي ڪهڙي پاڪستان سان محبت آهي جو معيشيت کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي.

اڳوڻي وزيراعظم  چيو ته وزيراعظم چئي ٿو ته مڊٽرم چونڊون ٿينديون، اسان ملڪي صورتحال تي اڳ به ڳالهايو هو ۽ هاڻ به ڳالهائينداسين.

هن چيو ته، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڪجهه سکيو هجي ها ته اڄ اها  پنهنجي پاليسي ٻڌائڻ جي قابل هجي ها.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته، موجوده حڪومت جي عمل کان هر شخص پريشان آهي، اڄ ڏينهن تائين نوازشريف، شهباز شريف  تي هڪ به الزام ثابت نه ٿي سگهيو آهي، الزام ثابت ڪرڻ کان اڳ ئي فيصلو ڪيو ويندو آهي ته هي ڏوهاري آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته هي اهي عمل آهن، جيڪي جمهوريت تي اثر انداز ٿيندا آهن، اسان ڪڏهن به اپوزيشن کي گار ناهي ڏني ۽ نه ئي الزام لڳايو آهي.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻ ئي چيو هو  ته هو سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي بابت ٻڌائيندو، اسان کيس نه چيو هو، اڄ ان معاملي تي ننڍڙا ٻار به کلي رهيا آهن.

شاهد خاقان عباسي چيو ته، اسان جي دور ۾ به چيلنجز هئا پر اسان هار نه مڃي هئي ۽ ان جو مقابلو ڪيو، نتيجا اوهان جي سامهون هئا.

هن چيو ته مهانگائي به وڌي رهي آهي، معيشيت جي هر هڪ خطري بابت ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، مهانگائي جو بار سڌي ريت عوام تي پوندو.

شاهد خاقان عباسي چيو ته، اسان جي دور ۾ حالتون تبديل هيون، اڄ ڪرپشن جي ڳالهه ٿي رهي آهي، چيو پيو وڃي ته جيڪو پاڪستاني شهري ٽيڪس ادا نه ٿو ڪري اهو به ڪرپٽ آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*