وفاقي سرڪار غربت جي خاتمي لاءِ ادارو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

وفاقي سرڪار غربت جي خاتمي لاءِ ادارو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جي صلاحڪار افتخار دراني چيو آهي ته اداري جو سربراهه ڊاڪٽر اشفاق حسن هوندو، ادارو غربت جي خاتمي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي سطح تي رابطا ڪري پاليسي جوڙيندو.

اسلام آباد ۾  وزيراعظم جي خاص صلاحڪارن شهزاد اڪبر ۽ افتخار دراني گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوازشريف خلاف جهازن جو غير ضروري استعمال واري معاملو نيب ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.

افتخار دراني چيو ته وزيراعظم جي سئو ڏينهن واري پلان تحت غربت جي خاتمي جو ادارو جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته ڊاڪٽر اشفاق حسين کي غربت جي خاتمي واري اداري جو سربراهه مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  آيه.

افتخار دراني چيو ته هي ادارو وفاق ۽ صوبائي سطح تي رابطو ڪندو ۽ پاليسي جوڙيندو.

هن چيو ته دورن تي استعمال ٿيل سموري رقم نواز شريف کي ڀري ڏيڻي آهي، معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ  مختلف ملڪن سان رابطي ۾ آهيون.

افتخار دراني چيو ته 200ملڪن مان معلومات اچڻي آهي، ڪوشش آهي ته معاملا ٿوري وقت ۾ حل ٿي  وڃن.

شهزاد اڪبر چيو ته نواز شريف وزيراعظم جي حيثيت ۾ 20 ملڪن جا ذاتي دورا ڪيا، جنهن تي 20 ملين خرچ آيو، نواز شريف 23 ملين سرڪاري ناڻي مان استعمال ڪيا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*