لاهور ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ آبادگارن جو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي

لاهور ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ آبادگارن جو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، مظاهرين شهر  ڏانهن ويندڙ مين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڪمند جو اگهه مقرر ٿيڻ ۽ ڀاڻ جي اگهن ۾ لاٿ تائين سندن احتجاج جاري رهندو.

پنجاب جي مختلف  علائقن کان پهتل آبادگارن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ لاهور جي ٺوڪر نياز بيگ واري علائقي ۾ ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري آهي.

آبادگارن لاهور شهر ڏانهن ويندڙ مين روڊ کي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ٽريفڪ بلاڪ  آهي.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر نه ٿيڻ ڪري سندن فصل سُڪي رهيو آهي ۽ ڪڻڪ جي پوکي به متاثر ٿي رهي آهي.

هنن چيو ته ڀاڻ جي اگهن ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان پهچي رهيو آهي.

هنن چيو ته مطالبا منظور ٿيڻ تائين سندن احتجاج جاري رهندو.

ياد رهي ته گذريل رات حڪومت احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون هيون، جيڪي ناڪام ويون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*