لاهور جي احتساب آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس ۾ شهباز شريف کي جڊيشل رمانڊ تي 13 ڊسمبر تائين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي نيب جي وڌيڪ رمانڊ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور جي احتساب آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس ۾ شهباز شريف کي جڊيشل رمانڊ تي 13 ڊسمبر تائين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي نيب جي وڌيڪ رمانڊ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، شهباز شريف جي پيشي وقت پوليس ۽ ن ليگ ڪارڪنن وچ ۾ چڪرين دوران پوليس لٺبازي ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي رتورت ڪري ڇڏيو.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي شهباز جي وڌيڪ رمانڊ لاءِ درخواست ڏني، جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي.

عدالت شهباز شريف کي جڊيشل رمانڊ تي 13 ڊسمبر تائين ڪيمپ جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ان کان اڳ شهباز شريف جي پيشي وقت عدالت ٻاهران پوليس ۽ نُون ليگ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿي پيون.

چڪرين دوران پوليس لٺبازي ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي زخمي ڪري ڇڏيو.

چڪرين کانپوءِ پوليس ن ليگ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار به ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*