اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف فليگ شپ ريفرنس ۾ احتساب عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف فليگ شپ ريفرنس ۾ احتساب عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، عدالت ٻاهران ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته نواز ليگ وقت کان اڳ چونڊن لاءِ تيار آهي.

احتساب عدالت ۾ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نواز شريف بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته مٿس لڳايل الزامن ڪا به صداقت ناهي، فريادي ڌر وٽ ڪي به ثبوت نه آهن.

نواز شريف جي بيان مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته وزيراعظم جي وقت کان اڳ چونڊن واري بيان تي عوام ۾ خوشيءَ جي لهر آهي.

هن چيو ته هُو سنجيده سياست جا قائل آهن، نواز ليگ وقت کان اڳ چونڊن بابت تيار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*