سپريم ڪورٽ پرڏيهي اثاثن واري ڪيس ۾ چيئرمين ايف بي آر ۽ انڪم ٽئڪس جي ميمبر کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪندي عليمه خان خلاف ڪارروائي جي 13 ڊسمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

سپريم ڪورٽ پرڏيهي اثاثن واري ڪيس ۾ چيئرمين ايف بي آر ۽ انڪم ٽئڪس جي ميمبر کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪندي عليمه خان خلاف ڪارروائي جي 13 ڊسمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ، لڳي ٿو ايف بي آر، ايف آءِ اي جي محنت به لوڙهي ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ قائم بينچ اثاثا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته عليمه خان ڪيس بابت ڪهڙِي اڳڀرائي ٿي ۽ ڪارروائي جا مڪمل تفصيل ڇو ناهن پيش ڪيا ويا.

چيف جسٽس پنهنجن رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ايف بي آر ايف آءِ اي جي محنت کي به لوڙهي ڇڏيو ۽ لڳي ٿو ايف بي آر کي عدالتي حڪم سمجهه ۾ ناهي آيو.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايف بي آر کي پنهنجي عزت ناهي ڪرائڻي ته هاڻي به  سندس عزت نه ڪنداسين.

سپريم ڪورٽ چيئرمين ايف بي آر ۽ انڪم ٽئڪس جي ميمبر کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪندي عليمه خان خلاف ڪارروائي بابت 13 ڊسمبر تائين تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*