وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته  امريڪا افغانستان بابت پاڪستان جو موقف تسليم ڪري ورتو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته  امريڪا افغانستان بابت پاڪستان جو موقف تسليم ڪري ورتو، واشنگٽن سان ڳالهين جي شروعات سٺو سنوڻ آهي، ڀارت ڪرتاپور پور راهداري کي سياسي رنگ ڏئي رهيو آهي.

وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته افغانستان مسئلي جو ڪو به فوجي حل نه آهي.

هن چيو ته هُن امريڪا کي  ڊو مور بدران افغانستان ۾ ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪرڻ جو مشورو ڏنو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

وزيراعظم چيو ته هُن يمن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سعودي ۽ ايراني قيادت سان ڳالهايو آهي.

هن چيو ته ڪرتارپور راهداري واري معاملي تي ڀارت سياست ڪري رهيو آهي، جنهن تي افسوس آهي.

هن چيو ته ڪرتارپور راهداري منصوبي بابت سک برادري تمام سٺي موٽ ڏني آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*