پنجاب جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته نُون ليگ لاشن تي سياست ڪرڻ جي ريهرسل ڪري رهي آهي

پنجاب جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته نُون ليگ لاشن تي سياست ڪرڻ جي ريهرسل ڪري رهي آهي، حمزه شهباز جي اڳواڻي ۾ احتساب عدالت ٻاهران غنڊا گردي ڪئي وئي.

لاهور ۾ احتساب عدالت ٻاهران چڪرين بابت بيان جاري ڪندي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو ته  عدالت ٻاهران ڄاڻي واڻي حالتون خراب ڪيون ويون، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي چوڻ  تي نُون ليگي ڪارڪنن قانون هٿ ۾ کنيو.

هن چيو ته نُون ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر عدليه تي حملن واري سياست ڪري رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، حالتون خراب ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

فياض الحسن چوهاڻ چيو ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي واعده معاف شاهد بڻجڻ لاءِ تيار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*