ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، مٺي سول اسپتال ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي دوري کان ڪجهه منٽ اڳ وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو، 6 ڏينهن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 16 ٿي ويو.

وڏووزير مراد علي شاهه سول اسپتال جي آمد کان ڪجهه منٽ اڳ ڳوٺ چونپڙي جي رهواسي جهان خان جي ٽن سالن جِي ڌي فائقان فوت ٿي وئي.

ان کان اڳ سول اسپتال ۾ اڄ ئي ڳوٺ گوڙاڻو جي رهواسي مجيد جو ست ڏينهن جو پٽ شهاب فوت ٿي ويو هو.

6 ڏينهن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 16 ٿي ويو.

گذريل سوا 11 مهينن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ 614 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مختلف علائقن جا ڪيترائي ٻار بيمارين سبب اسپتال ۾ داخل ٿيل آهن.

ٿر واسين جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران متاثرن کي امدادي ڪڻڪ ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪڻڪ ملي نه سگهي آهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کين امدادي ڪڻڪ سميت صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*