دولتپورصفن ۾ شاگرد سجاد جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

دولتپورصفن ۾ شاگرد سجاد جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

معشوق جوکيو، فياض علي  ۽ نادر علي جوکيو جي اڳواڻي ۾ رهواسين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود پوليس شاگرد سجاد جوکيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته اڳوڻو اَي ايس آءِ علي بخش مگسي، اهلڪار علي مراد زرداري ۽ علي رضا گورچاڻي آزاد گهمي رهيا آهن پر نوابشاهه پوليس کين گرفتار  ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته شاگرد سجاد جوکيو جي  قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏياري وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*