سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٿرڪول پهچي پاور پراجيڪٽ معائنو ڪري ڪم جو جائزو ورتو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٿرڪول پهچي پاور پراجيڪٽ معائنو ڪري ڪم جو جائزو ورتو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاور پلانٽ جو ڪم 96 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي، جنوري جي آخري ۽ فيبروري جي پهرين هفتي ۾ بجلي پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندي.

ٿر ڪول جي دوري دوران وڏي وزير مراد علي شاهه کي سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني جي انتظاميه پاران منصوبي بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٿرڪول منصوبي سميت ٿر ۾ 70 ارب رپين جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آهي، سنڌ حڪومت ٿر فائونڊيشن ذريعي 20 هزار خاندانن کي مال جو چارو ڏئي رهي آهي.

هن چيو ته ٿر فائونڊيشن ذريعي علائقي جي 90 ٻارن کي ڊپلوما ڪرائي رهيا آهيون، ٿر فائونڊيشن اسپتال ٻن ارب روپين جي لاڳت سان تعمير ٿي رهي آهي.

مراد علي شاهه چيو ته اسپتال جو پهريون بلاڪ 82 بسترن تي ٻڌل آهي، فيبروري 2019 ۾ ڪم شروع ٿي ويندو، سموري اسپتال 250 بسترن تي ٻڌل آهي.

هن چيو ته نيو سنهري ڳوٺ جي 172 متاثر خاندانن کي هلندڙ مهيني ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ تعمير ٿيل گهرن ۾ منتقل ڪيو ويندو.

مراد علي شاهه چيو ته متاثر 172 خاندانن جي ماڻهن کي نوڪريون، گهرن جو معاوضو، تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت 5 هزار ٻارن جي تعليم لاءِ ٿر فائونڊيشن ذريعي 25 اسڪول قائم ڪري رهي آهي، جن تي ڪم جاري آهي.

ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال جو دورو ڪري مريضن کان مسئلا معلوم ڪيا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*