دادو ۾ شاهجهان پارڪ ڀرسان حددخلين جي زد ۾ آيل گهر ۾ ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار جي وارثن کان گهر خالي ڪرايو ويو

دادو ۾ شاهجهان پارڪ ڀرسان حددخلين جي زد ۾ آيل گهر ۾ ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار جي وارثن کان گهر خالي ڪرايو ويو.

ناري مهتاب جي سڀاڻي شادي رٿيل هئي، سندس وارثن جي منٿن کي آفيسرن نه مڃيو، گهر خالي ڪرايو ويو آهي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي بيوه مسمات حوا چيو ته ضلعي انتظاميه زبردستي هنن کان گهر خالي ڪرايو آهي.

هن چيو ته سڀاڻي سندس نياڻي مهتاب جي شادي رٿيل هئي، هاڻي هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

گذريل ڏينهن انتظاميه حددخلين خلاف آپريشن ڪري ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*