پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز چيو آهي ته حڪومت شروعاتي هڪ سئو ڏينهن دوران عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو


پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز چيو آهي ته حڪومت شروعاتي هڪ سئو ڏينهن دوران عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، ايندڙ سئو ڏينهن دوران حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه شهباز چيو ته عمران خان نااهل آهي ۽ سندس حڪومت خوف جو شڪار ٿي وئي آهي.

هن چيو ته حڪومت عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، گورنر هائوس جون ڀِتيون ڪيرائڻ سان عوام کي ڪو به رليف نه ملندو.

هن وڌيڪ چيو ته رپئي جو ملهه گهٽجي ۽ ڊالر مهانگو ٿي رهيو آهي، عوام تحريڪ انصاف جي حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته ايندڙ سئو ڏينهن دوران ملڪ جون حالتون اڃا وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*