ڊکڻ ۾ پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائي دوران هوٽلن تي ويٺل 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪ اپ ڪري ڇڏيو

ڊکڻ ۾ پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائي دوران هوٽلن تي ويٺل 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جاچ بعد بيگناهه ماڻهن کي آزاد ڪيو ويندو.

 ڊکڻ پوليس شهر جي هوٽلن ۽ٻين  مخلتف هنڌ تي ڪارروائي ڪري 12 ڄڻن کي کنڀي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

گرفتار ڪيل ماڻهن ۾ علي مراد،  کمڻ شر، شاهنواز خروس، عارف علي، نبي داد خروس، رابيل،اقبال لولائي ۽ سرور چانڊيو شامل آهن.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڊکڻ جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جاچ بعد بيگناهه ماڻهن کي آزاد ڪيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*