آءِ جي اسلام آباد جِي بدلي ۽ پاڙيسريءَ سان جهيڙي واري معاملي ۾ مک ڪردار  وفاقي  وزير، اعظم سواتي استعيفيٰ ڇڏي

آءِ جي اسلام آباد جِي بدلي ۽ پاڙيسريءَ سان جهيڙي واري معاملي ۾ مک ڪردار  وفاقي  وزير، اعظم سواتي استعيفيٰ ڇڏي،  اعظم سواتي جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين هُو حڪومت جو حصو نه بڻجندو.

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، اعظم سواتي وزيراعظم سان ملاقات ڪري پنهنجي استعيفيٰ  پيش ڪئي، جيڪا وزيراعظم منظور ڪري ڇڏي.

اعظم سواتي جو چوڻ هو ته هُن استعيفيٰ بابت سموري حقيقت وزيراعظم کي ٻڌائي ڇڏي آهي.

هن چيو ته آءِ جي اسلام آباد بدلي واري ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين هُو حڪومت جو حصو نه بڻجندو.

اعظم سواتي چيو ته هُن اخلاقي برتري لاءِ عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*